خداوند يسوع مسيح جو انجيل 1

خداوند يسوع مسيح جو انجيل 1 (ڪتاب): انگريزن برصغير جي هندن ۽ مسلمانن ۾ عيسائي تعليم ۽ تبليغ ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي انجيل ترجمو ڪرايا. ان ڏس ۾ لنڊن مان ڪجهه انجيل 1868ع کان 1870ع ڌاري شايع ڪرايا ويا، جيڪي برٽش ميوزيم لائبرريءَ ۾ اڄ به موجود آهن، جهڙوڪ: (1) خداوند يسوع مسيح جو انجيل (1869)، (2) خداوند يسوع مسيح جو انجيل پنج صفحا (1870ع)، (3) خداوند يسوع مسيح جو انجيل- رسولن جا ڪم (1870ع) هي سڀ انجيل اي. برن جا لکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو